صدقه فطر

صدقه فطر (اصطلاح): صدقه فطر مان مراد اهو صدقو، جيڪو عيدالفطر جي نماز کان اڳ ادا ڪيو وڃي ٿو. اهو صدقو هر ان مسلمان تي ان جي ادائيگي واجب آهي، جنهن وٽ بنيادي ضرورتن کان وڌيڪ مال هجي. توڙي ان تي زڪوات واجب ٿئي يا نه ٿئي ۽ پڻ صدقه فطر واجب ٿيڻ لاءِ هي شرط به لاڳو ناهي ته ان مال تي هڪ سال جو وقت گذريو هجي ۽ نه وري هي شرط آهي ته فطرو ڏيندڙ عاقل ۽ بالغ هجي. فطرو هر وڏي توڙي ٻار ۽ بي عقل (چريي) تي واجب آهي، شرط هي آهي ته اهو خوشحال هجي.


لفظ صدقه فطرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو